پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ چين جي سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ چين جي سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي.

چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جون تائين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان چيني سرمائيڪارن سان 200 کان 250 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مصر جيان يورو بانڊز جاري ڪرڻ جي بينڪ گارنٽي جي لاءِ ايشين انفرااسٽڪچر انويسٽمينٽ بينڪ سان ڳالهيون جاري آهن.

محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ چين جي سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي، پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي فيز ۾ چين کان وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي ۽ ايندڙ فيز ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، آءِ ٽي سيڪٽرز ۾ هٿي ڏني ويندي.

ناڻي واري وزير چيو ته چين جي نجي شعبي ۽ برآمدي صنعتن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ گهرجي. وڏيون چيني ڪمپنيون برآمدي يونٽس پاڪستان منتقل ڪري پاڪستان کي بطور برآمدي مرڪز طور استعمال ڪري سگهن ٿيون.  سي پيڪ ٽو ۾ برآمدي صنعتن جي ترجيح سان قرض ادائيگي کي آسان بنايو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ سيڪيورٽي حالتون بهتر ٿيون آهن. عالمي ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن، پرڏيهي وفد به اچي رهيا آهن. پرڏيهي ڪمپنين ۽ سرمائيڪارن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ پاڪستان جي اولين ترجيح آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔