لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آيو، 11 ڄڻا فوت

لاس اينجلس : آمريڪي رياست لاس اينجلس ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي پنجين ڏينهن به ضابطو نه اچي سگهيو، خوفناڪ باهه سبب 11 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. آمريڪي شهر لاس اينجلس جي ٻيلي ۾ لڳل باهه رهائشي علائقن کي به وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. باهه سبب ٿيل تباهي بعد لاس اينجلنس جو پيسيفڪ پيليسيڊ جو علائقو هيرو شيما تي ايٽمي بم حملي بعد جا منظر پيش ڪرڻ لڳو آهي. لاس اينجلس ۾ لڳل هن خوفناڪ باهه کي هاڻي آمريڪي تاريخ جي سڀ کان مهانگي آفت قرار ڏنو پيو وڃي. باهه سبب نقصان جو شروعاتي ڪاٿو 150 ارب ڊالر تائين لڳايو ويو آهي، باهه سبب 6 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 5 هزار گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. باهه سبب انشورنس انڊسٽري کي لڳ ڀڳ 8 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان پهتو. آمريڪي ميڊيا موجب، بدترين باهه اڃان تائين وسامي ناهي سگھي، باهه سبب 12 هزار گھر ۽ عمارتون سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته 2 لک کان وڌيڪ وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته نقصان جو شروعاتي ڪاٿو تقريبن 150 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته سڙي فوت ٿيلن جو انگ 11 ٿي ويو جيڪو پڻ وڌڻ جو خدشو آهي. پيسيفڪ پي لي سيڊس جو علائقو باهه سبب تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي انهيءَ علائقي ۾ بالي ووڊ جي اي لسٽرز ۽ هاڻي ارب پتي ماڻهن جا گهر آهن. ڪارڊيشن سوڌو ڪيترائي هالي ووڊ اسٽار اربن جي ماليت جا گھر خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملدارن پيلي سيڊس ۽ ايٽون جي علائقن ۾ رات جي وقت ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، هوا جي گھٽ دٻاءُ سبب فائر فائٽرز کي باهه تي ضابطو آڻڻ ڻ ڪجهه حد تائين ڪاميابي پڻ ملي آهي. رياست جي گورنر نيوسم استعيفى گھرڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ کي متاثر رياست جو پاڻ اچي جائزو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔