6 مهينن جي ترقياتي بجيٽ خرچن جا تفصيل جاري

اسلام آباد : منصوبابندي واري وزارت گذريل ڇهن مهينن جي ترقياتي بجيٽ خرچن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.منصوبابندي واري وزارت چيو آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ نظرثاني ٿيل پي ايس ڊي پي 1,100 ارب رپيا آهي، جنهن ۾ پهرين 6 مهينن ۾ ترقياتي منصوبن تي 148 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.6 مهينن ۾ 376 ارب رپين جي ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ۽ وفاقي وزارتن جي ترقياتي منصوبن تي 124.52 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.منصوبابندي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪارپوريشنن جي ترقياتي منصوبن تي 23.6 ارب رپيا ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت جي منصوبن تي 32 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.صوبن ۽ خاص علائقن جي ترقياتي منصوبن تي 46 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي وزارت تعليم جي ترقياتي منصوبن تي 2.88 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.منصوبابندي واري وزارت چيو ته صحت واري وزارت جي ترقياتي منصوبن تي 2.69 ارب رپيا ۽ ايڇ اي سي جي ترقياتي منصوبن تي 9.67 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔