اسلام آباد : خيبرپختونخواهه ۾ پوليو وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو آهي، ٽانڪ ضلعي ۾ 13 مهينن جي ٻارڙي موذي وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ پوليو وائرس جي هڪ ٻئي ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي، ٽانڪ ضلعي جي يونين ڪائونسل تتي ۾ 13 مهينن جي ٻارڙي به پوليو وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي،گذريل سال ڊسمبر ۾ پوليو ليبارٽري ۾ ڇوڪرين جا نمونا حاصل ڪيا ويا هئا، 2024ع ۾ ٽانڪ ضلعي مان پوليو جا هي پنجون ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، 2024ع دوران صوبي ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي.