راولپنڊي: اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ 9 مئي 2023 تي جنرل هيڊ ڪوارٽر(جي ايڇ ڪيو) گيٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت 60 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت کي اڊيالا جيل جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو گيٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، سربراهه عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد، راجا بشارت، اشد شفيق ۽ زرتاج گل وزير سميت 60 جوابدارن جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪئي وئي.
دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ اڊيالا جيل مان ٻاهر نڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت کي گرفتار ڪيو ويو.
18 نومبر تي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ايڇ ڪيو تي حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن خاص طور تي عمران خان، عمر ايوب، شبلي فراز، شهباز گل، مراد سعيد، حماد اظهر، زلفي بخاري ۽ صداقت عباسي جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
دهشتگردي جي انت واري عدالت حاضر 100 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي جنهن ۾ جوابدارن تي بغاوت، دهشتگردي، قتل جي قدمن، ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ ۽ سازش جو ڏوهاري هجڻ جا الزام شامل آهن.
فرد جرم لاڳو ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ باني، شيخ رشيد، صداقت عباسي، عمر ايوب، زرتاج گل، شيخ راشد شفيق، واثق قيوم عباسي، ملڪ احمد چٺه، راجا بشارت، عثمان ڊار، اشرف خان سوهنا سميت ٻيا عدالت ۾ موجود هئا