تدمر : شام جي شهر تدمر ۾ اسرائيلي حملي ۾ 79 ايراني حمايتي ويڙهاڪ مارجي ويا. شام جي نگراني گروپ جو چوڻ آهي ته هڪ اسرائيلي هوائي حملو ڪالهه تدمر شهر ۾ ڪيو ويو. حملي ۾ مارجي ويل 79 ماڻهن ۾ 53 شامي، 22 پرڏيهي ۽ 4 حزب الله حامي ويڙهاڪ شامل هئا. شام جي مانيٽرنگ گروپ جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن ايراني حمايت يافته گروپن جي گڏجاڻي کي نشانو بڻايو. ٻئي طرف عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شامي اختيارين تدمر ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو..