لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ سموگ جي روڪٿام بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ جي روڪٿام لاءِ پنجاب ۾ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جوحڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾سموگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ سمورن خانگي آفيسن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ورڪ فارم هوم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مارڪيٽون رات اٺين وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت طرفان آچر ڏينهن به مارڪيٽون بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، لاهور شهر ۾ ٽرڪن ۽ بسن جي داخل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ٽريفڪ پوليس کي دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي فوري بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڊولفن پوليس به ٽريفڪ پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔