دبئي دنيا جي بلند ترين عمارت برج الخليفه جو گهر آهي ۽ اتي ڪيترائي حيرت انگيز تعميراتي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن.
هاڻ اتي هڪ اهڙي اوچي عمارت تعمير ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ويڪر هڪ اپارٽمينٽ کان وڌيڪ نه هوندي.
اها سوڙهي عمارت 1274 اوچي هوندي، جڏهن ته ان جي ويڪر رڳو 74 فوٽ هوندي.
73 ماڙ جي ان عمارت جو نالو مربع ويل رکيو ويو آهي ۽ ان ۾ 2 کان 5 بيڊرومز تي ٻڌل 131 اپارٽمينٽس هوندا.
ان عمارت جي منصوبابندي گڏيل عرب امارتن جي ڪمپني مربع ڪئي آهي، ڪمپني موجب ان عمارت ۾ آرٽ گيلري، پرائيويٽ مووي ٿيٽر، هوٽلز سميت ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون هونديون.
ان منفرد عمارت کي دبئي جي شيخ زيد روڊ تان گذرندڙ ڍنڍ ڪناري تعمير ڪيو ويندو ۽ اسپين جي ڪمپني RCR Arquitectes ان جي ڊيزائن تيار ڪئي آهي.
واضح رهي ته دنيا ۾ ڪنهن به شهر جي ڀيٽ ۾ دبئي ۾ 300 ميٽرز کان اوچي عمارتن جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي.