وزيراعظم جي قطري هم منصب سان ملاقات، سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

دوحا : وزيراعظم شهباز شريف قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي.دوحه ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ تعاون جي ٻين شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ قطر جي مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.هن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ قطر ۾ پاڪستانين جي ميزباني ڪرڻ تي قطر جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.شهباز شريف ۽ قطري وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.وزيراعظم غزه تڪرار تي قطر جي اصولي موقف، خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ قطر جي ڪوششن ۽ غزه جي عوام لاءِ قطر جي انسانيت جي بنياد تي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔