اسلام آباد: سوئي ناردرن گيس جي قيمتن ۾ 46 روپيه 16 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي درخواست اوگرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
درخواست جي متن موجب سوئي ناردرن کي هلندڙ مالي سان جي ضرورتن ۾ 20 ارب 50 ڪروڙ 20 لک روپين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي مالي ضرورتن ۾ 48 ڪروڙ 90 لک روپيه ايل پي جي ايئرمڪس پروجيڪٽ به شامل آهي.
گهريلو صارفين کي هلندڙ مالي سال جي دوران آيل ايل اين جي تي منتقلي جي لاءِ سوئي ناردرن کي 63 ارب 5 ڪروڙ 80 لک روپيه لاڳت جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا. گيس جي لاڳت کي ايڇ ايس ايف ۽ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن سان جوڙيو ويو آهي.
سوئي ناردرن گيس هر درجي جي صارفين لاءِ پهرين جولاءِ 2024ع کان آر ايل اين جي سپلائي لاڳت وڌائي 1711.73 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي به استدعا ڪئي آهي.