اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ 27هين آئيني ترميم جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت 27هين آئيني ترميم تي غور نه پئي ڪري.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته افواهون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي مان نٿو سمجهان ته آئيني بينچ ۾ وڃڻ سان ڪو تڪراري ٿي ويندو. عطاءُالله تارڙ چيو ته 26هين آئيني ترميم تي پي ٽي آءِ جا خدشا ختم ڪيا ويا پر جڏهن هي جيل ۾ پنهنجي باني سان ملڻ ويا ته انهن کي دڙڪا ڏنا ويا.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ 4-5 ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي. بشريٰ بي بي ۽ عليمه خان جا ڌار ڌار گروپ آهن انهي لاءِ هنن جي احتجاج لاءِ ڪوبه نٿو نڪري هن ڀيري به اسان هنن جي احتجاج جي سڏ تي پرسڪون رهياسين.
ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران 27هين آئيني ترميم آڻڻ بابت اتفاق راءِ جون خبرون سامهون آيون هيون جنهن کان پوءِ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ 27هين آئيني ترميم بابت اتفاق جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو هو