پهرين نومبر کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: مهانگائي جي ستايل عوام جي لاءِ تمام جلد خوشخبري سامهون ايندي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهرين  نومبر کان ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ 2 کان 3 روپيه في ليٽر تائين پيٽرليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون قيمتون تقريبن 1.5 ڊالر ۽ 2.5 ڊالر في بيرل گهٽ ٿيون آهن. موجوده ٽيڪس ريٽس ۽ مٽاسٽا جي حساب سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 روپيه ۽ 2 روپيه 30 پئسا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي في بيرل قيمت 77.5 ڊالر جي مقابلي ۾ 76 ڊالر تي اچي وئي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في بيرل قيمت 86.5 ڊالر کان گهٽ ٿي 84 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔