راولپنڊي ۾ 8 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو

راولپنڊي : پنجاب حڪومت راولپنڊي ۾ 8 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو مقصد شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس کي محفوظ بڻائڻ آهي.راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ضلعي انتظاميا جي درخواست تي ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پابندين کان ڇوٽ ڏني وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب راولپنڊي ۾ هر قسم جي سياسي گڏجاڻين، ڌرڻن، ميٽنگن، مظاهرن تي پابندي هوندي، راولپنڊي ۾ ڊبل سواري ۽ هوائي فائرنگ تي به پابندي هوندي.راولپنڊي ۾ قلم 144 10 کان 17 آڪٽوبر تائين ڪبوتر اڏائڻ، ڊرون اڏڻ ۽ ليزر لائيٽ جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔