سنڌ سرڪارڪمند اگهه مقرر ڪرڻ ۾ ٻيهر ناڪام: پاسما پاران اگه پنجاب سان مشروط: آبادگار 475 رپين تي بيٺل

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ ۽ شگرملون پهرين نومبر کان هلائڻ وارو معاملو هر سال جيان هن ڀيري به رولڙي جو شڪار، شگر ڪين بورڊ جو ٻيو ڀيرو ٿيل اجلاس به بِنا نتيجي ختم، پاسما اڳواڻن شگر ڪين بورڊ جي اجلاس کي اهميت نه ڏني، پاسما جو رڳو هڪ ميمبر پهتو

پاسما پاران سنڌ ۾ ڪمند جو اگھه پنجاب سان مشروط ڪرڻ جي فرمائش  آبادگارن ڪمند جو سرڪاري اگھه 475 رپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پاسما ۽ آبادگارن ۾ اتفاق نه ٿيڻ سبب ڪمند جو اگھه مقرر نه ٿي سگھيو

ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ شگر ڪين بورڊ جو زراعت واري وزير محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ ٿيل ٻيو اجلاس به بِنا نتيجي ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ آبادگارن جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي وئي پر پاسما اڳواڻن اجلاس کي اهميت نه ڏني، پاسما سنڌ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي رڳو هڪ ميمبر احمد باواني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاسما ميمبر موقف رکيو ته پنجاب ۾ ڪمند جو سرڪاري اگھه مقرر ٿيڻ کانپوءِ ئي سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو اگھه مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس سڏايو وڃي، جنهن تي آبادگارن اعتراض واريندي چيو ويو ته ڪمند جي اگھه کي پنجاب سرڪار جي فيصلي سان مشروط نه ڪيو وڃي

آبادگار اڳواڻ نبي بخش سٺيو جو چوڻ هو ته اسان اجلاس ۾ مطالبو ورجايو ته ڪمند جو اگھه 475 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، هن چيو ته پاسما وارا شگر ڪين بورڊ جي اجلاس کي اهميت ئي نه پيا ڏين، هن چيو ته   پاسما جي حيرت انگيز مطالبي کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران اجلاس بِنا نتيجي ختم ڪري اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت به پاسما جي مطالبي تي ئي فيصلو ڪرڻ چاهي پئي. هن چيو ته پاسما پاران اهو شرط به رکيو ويو ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري پر ايسڪپورٽ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ وفاق جو معاملو آهي، سنڌ حڪومت کان اهڙو مطالبو ڪرڻ تي به حيرت ٿي آهي

هن چيو ته ڪمند جي اگھه بابت جيڪڏهن حڪومت پاسما سان بيٺي ۽ آبادگارن کي پُٺي ڏني وئي ته آبادگار تنظيمن پاران پنهنجو لائحه عمل جوڙيو ويندو.هوڏانهن ٺٽي، سجاول، بدين ۾ هيل ڪمند جي پوکي ۽ پيداوار گهٽ هجڻ ڪري ڳاڙهو جي عبدالله شاھه غازي شگر ملز، بدين جي مرزا شگر ملز، تلهار جي باواني شگر ملز، نجمه شگر ملز سميت 6 شگر ملون هيل به بند رهڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ گذريل سال 38 مان 32 شگر ملون هلايون ويون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔