سعودي عرب پاران پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ 27 معاهدا ڪرڻ جو اعلان


سعودي عرب پاران پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ 27 معاهدا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 اسلام آباد ۾ پاڪ سعودي بزنس فورم کي خطاب ڪندي سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته پاڪستان سان اسان جي سيڙپڪاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي

هن چيو ته پاڪ سعودي لاڳاپن جيان اسان جا معاشي تعلقات به لامحدود آهن، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ترقيءَ جا وسيع امڪان آهن، علائقائي خوشحالي جو هدف ماڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي واپار ۾ واضح اضافو ٿيو آهي

سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وڌيڪ چيو ته واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاگرافيائي قربت جو فائدو وٺڻ گهرجي، سعودي عرب دنيا جي سڀ کان وڏي ڪنسٽرڪشن سائيٽ آهي

هن چيو ته  پاڪستان اسان کي ڪنسٽرڪشن مٽيريل فراهم ڪري سگهي ٿو، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جي 27 يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون وينديون، پاڪستان پنهنجي معيشت کي تمام جلد قابو ڪيو آهي

 سعودي وزير چيو ته ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ ايس آءِ ايف سي جي ڪردار جي واکاڻ ڪيان ٿو، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات لاڀائتي رهي

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪ سعودي بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پرعزم آهي، پاڪ سعودي اسٽريٽجڪ ڀائيواري هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، پاڪستان جلد دنيا جي 24 هين مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول موجود آهي، سعودي عرب کي کاڻين جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، زراعت، جانورن جي پالنا ۽ توانائي جا شعبا سعودي سيڙپڪاري لاءِ کليل آهن

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خطاب ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال دوران ملڪي معيشت مضبوط ٿي آهي، وزيراعظم جي قيادت هيٺ ملڪي معيشت ۾ لاڳيتو استحڪام اچي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔