لبنان، اسرائيل جو عمارت تي حملو، وڌيڪ 108 شهيد

لبنان :اسرائيلي فوج لبنان جي راڄڌاني بيروت جي شهري علائقن ۾ هوائي حملا جاري رکي ٿي.پرڏيهي خابرو اداري موجب لبنان جي وادي بيقا ۽ عين الدليب سميت ٻين علائقن ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 108 ڄڻا شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج حزب الله جي 120 ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج يمن جي ساحلي شهر الحديده تي به وڏو فضائي حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 يمني شهري شهيد ۽ 29 زخمي ٿي پيا آهن.اسرائيل جي غزا ۾ هڪ اسڪول سميت مختلف هنڌن تي حملن ۾ وڌيڪ 28 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي جنگ کان بچڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔