حڪومت پاران تڪراري آئيني ترميمن وارو پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان

اسلام آباد: حڪومت پاران تڪراري آئيني ترميمن وارو پئڪيج ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن.

سينيٽ ۾ نوازليگ جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته آئيني ترميمن وارو پئڪيج آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪيو ويندو

عرفان صديقي اعتراف ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جي حمايت کانسواءِ آئيني ترميمن جو منظور ٿيڻ ممڪن نه آهي، حڪومتي اتحاد ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي.

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ وچ آڪٽوبر ڌاري شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿيڻو آهي، چين جو وزيراعظم 14 آڪٽوبر کان پاڪستان جو سرڪاري دورو به ڪرڻ وارو آهي

وفاقي سرڪار انهن ايونٽس کان اڳ ئي آئيني معاملن کي آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ اڪلائڻ چاهي ٿي.

ذريعن موجب حڪومت سپريم ڪورٽ پروسيجر ۽ پريڪٽس ايڪٽ ۾ ترميمي آرڊيننس کي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔