اسرائيل جي حفاظت لاءِ پنهنجي عزم کي تبديل نه ڪنداسين: آمريڪا

واشنگٽن : آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن واضح ڪيو ته آمريڪا اسرائيل جي حفاظت لاءِ پنهنجي واعدي کي تبديل نه ڪندو.اسرائيل کي 8 ارب 700 ملين ڊالرن جي فوجي امداد جي حوالي سان آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي واعدي کي تبديل نه ڪندو.لائوڊ آسٽن چيو آهي ته اسرائيل کي ضروري سامان فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل کي آمريڪي امداد جو عزم تبديل نه ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ تبديل ٿيندو.ان کان اڳ اسرائيلي بچاءَ واري وزارت پاران چيو ويو هو ته آمريڪا اسرائيل کي 8 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔