وڌيڪ سرڪاري ادارا بند ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد: وفاقي حڪومت رائيٽ سائزنگ قدمن تحت وڌيڪ وڌيڪ سرڪاري ادارا بند ڪرڻ جون تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن.

صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ادارن ڪراچي ٽولز ڊائز اينڊ مولڊز سينٽر ۽ نيشنل پروڊيڪٽوٽي آرگنائيزيشن سميت ٻين ادارن کي بند ڪرڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

حڪومتي ذريعن موجب، وفاقي حڪومت جو رائيٽ سائزنگ تحت مختلف تجويزن تي ڪم هلي رهيو جن ۾ ادارن کي بند ڪرڻ، نجڪاري ۽ ضم ڪرڻ سميت ٻيون تجويزون شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ادارن ڪراچي ٽولز اينڊ مولڊز سينٽر ۽ نيشنل پروڊڪٽوٽي آرگنائيزيشن بند ڪرڻ جي تجويز آهي.

ان کانسواءِ پاڪستان انڊسٽريل ٽيڪنيڪل اسسٽنس سينٽر ۽ ٽيڪنالوجي اَپ گريڊيشن اينڊ اسڪل ڊيولپمينٽ ڪمپني کي به بند ڪرڻ جون تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جڏهن ته يوٽيليٽلي اسٽورز ڪارپوريشن کي خانگائڻ يا ختم ڪرڻ جي ٻنهي آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فرٽيلائيزر ڪارپوريشن ۽ نيشنل فرٽيلائيزر مارڪيٽنگ لميٽڊ کي بند ڪرڻ لاءِ به لاڳاپيل وزارت کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، ڄاڻايل تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون ۽ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ وفاقي ڪابينه انهن تجويزن جي منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔