فواد ڀارتي اداڪارا سان گڏ جلوه گر ٿيندو، مداحن کي انتظار

لاهور : پاڪستان شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل عالمي شهرت رکندڙ سپر اسٽار اداڪار فواد خان جي بالي ووڊ ۾ واپسي جي خبر تيز ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب مداح فواد خان جي بالي ووڊ ۾ واپسي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته ان کان اڳ خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته مشهور بالي ووڊ اداڪارا واني ڪپور ۽ فواد خان نئين فلم ۾ ڪم ڪري رهيا آهن پر ٻنهي فنڪارن ان تي خاموشي اختيار ڪئي آهي.پر هاڻ ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اداڪارا ريڌي ڊوگرا ۽ فواد خان هڪ نئين پروجيڪٽ ۾ گڏ نظر ايندا. ڀارتي ميڊيا موجب هن رومانوي ڪاميڊي فلم جو نالو اڃا سامهون ناهي آيو پر هن فلم جي شوٽنگ نيويارڪ ۽ لنڊن ۾ هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ڄاڻايل فلم ايندڙ سال جي آخر ۾ رليز ڪئي ويندي. سال.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔