سڄي ملڪ ۾ اڄ کان هڪ هفتو جاري رهندڙ پوليو مهم شروع

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ 7 ڏينهن واري پوليو مهم دوران 115 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. 9 کان 15 سيپٽمبر تائين هلندڙ خصوصي مهم ۾ 2 لک 86 هزار پوليو ورڪر حصو وٺي رهيا آهن. مهم دوران پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا. وزيراعظم شهباز شريف پوليو مهم ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته انهن سڀني جو شڪر گذار آهيان جن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪيو، وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي پوليو جو داغ ختم ڪندي ۽ ايندڙ مهينن ۾ ملڪ مان پوليو جو خاتمو آندو ويندو. ياد رهي ته هلندڙ سال 17 پوليو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 12 بلوچستان، 3 سنڌ ۽ هڪ هڪ پنجاب ۽ اسلام آباد جا ڪيس شامل آهن. ڪي پي ۾ 33 نالن جا سيمپل ٽيسٽ ڪيا ويا ته سڀني ۾ وائرس موجود هو. لڪي مروت جي سيمپل ۾ اسلام آباد ۾ رپورٽ ٿيل ڪيس جهڙو وائرس مليو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔