دهشتگردي خلاف طاقت استعمال ڪرڻ بجاءِ معاملا سياستدانن جي حوالي ڪيا وڃن: فضل الرحمان

اسلام آباد: جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي جي ذميواري افغانستان تي لڳائڻ جي بجاءِ پنهنجي ذميواري کي ڏٺو وڃي، سرحدن تي اسان ويٺل آهيون، افغانستان نه.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج تي حملا ٿيا، ادارن تي حملا ٿيا، انهي تي ايوان غور نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟ اسان صورتحال کي سنجيدگي سان نه وٺي رهيا آهيون، ٻنهي طرفن کان صورتحال جذباتي ٿي وئي آهي، هڪ ڌر انهي حد تائين هلي وئي آهي جو ڌار ٿيڻ جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻئي طرف طاقت جي ذريعي انهن کي منهن ڏيڻ رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ جي لاءِ تيار آهي، اهڙا بيان صورتحال کي وڌيڪ جذباتي بنائي ڇڏيندا آهن، ٻنهي طرفن کان انتها تي پهتل اهو عمل پاڪستان جي سلامتي تي سواليه نشان بڻجي ويندو آهي

فضل الرحمان چيو ته اهڙن سمورن معاملن کي سياسي ماڻهو ئي صحيح ڪري سگهن ٿا پر اڄ سياسي ماڻهن جي اهميت کي گهٽ ڪيو پيو وڃي، تجربيڪار ۽ سياسي قيادت کي سائيڊ تي ڪيو پيو وڃي، انهي جي جڳهه نوان نوجوان وٺندا جيڪي تجربيڪار نه هوندا آهن جذباتي هوندا آهن، انهي جي ڪري معاملا وڌيڪ خراب ٿي ويندا آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته سياستدانن کي با اختيار بنائي معاملا انهن جي حوالي ڪيا وڃن، سڀ شيون پاڻ سنڀالڻ ۽ سمورن معاملن جي لاءِ فيصل آباد جو گهنٽه گهر بنجي وڃڻ هر شيءَ جي لاءِ پاڻ کي اهميت ڏيڻ هڪ خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر اهو ڪڏهن به مسئلي جو حل نٿو ٿي سگهي، ڇا حڪومت وٽ اختيار آهي ته اها فيصلو ڪري سگهي ۽ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي سگهي؟ يا پارليامينٽ ڪو قدم کڻي.

هن چيو ته انهي ڳالهه ۾ شڪ نه آهي ته پاڪستان پراڪسي وار جو جنگ جو ميدان بڻيل آهي. آمريڪا، چائنا، سي پيڪ، گوادر اهي سمورا معاملا ان جي ڪري آهن ته هڪ ڌر سرمائيڪاري ڪرڻ چاهي ٿو. ميگا پروجيڪٽس جي سامهون رنڊڪون بيهاريون ويون آهن. ڊيره اسماعيل خان، لکي مروت مان بلوچستان جي طرف وڃو اهو سي پيڪ جو ايريا انهن جي قبضي ۾ آهي ۽ اتي ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرائڻ ممڪن نه رهيو آهي.

هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ حالتون ايستائين هليون ويون آهن جو اتي ڪجهه علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو نٿو پڙهي سگهجي. جهنڊو نٿو ڦڙڪائي سگهجي. صوتحال خراب ٿي وئي آهي، اهڙي نازڪ صورتحال ۾ اسان کي قدم کڻڻ گهرجي، حڪومت به ذميواري پوري ڪري، اپوزيشن ۾ آهيون پر جيڪڏهن ملڪ کي ضرورت آهي ته اسان حاضر آهيون، پارليامينٽ سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي ملڪ جي لاءِ غير ضروري سمجهڻ سڀني کان وڏي بيوقوفي آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، ڪچي جي صورتحال کان سڀ واقف آهن پر بلوچستان ۾ اسٽيٽ کي چيلينج ڪيو پيو وڃي. پارليامينٽ اڳواڻن کي چيو وڃي ته هو اڳيان وڌن ۽ بلوچستان ۾ وڃي ماڻهن سان ڳالهيون ڪن، ڪي پي ڪي ۾ امن جي صورتحال خراب آهي اتي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ته صورتحال کي صحيح ڪري سگهجي ٿو پر جيڪو طريقو استعمال پيو وڃي انهي سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.

هن چيو ته جڏهن رياست ناڪام ٿي ويندي آهي ته اسان وڃي صورتحال کي ڪنٽرول ڪندا آهيون، مان افغانستان ويس، اتي سمورن شعبن ۾ ڳالهيون ڪري ڪاميابي سان واپس آيس ۽ گهرو وزارت سميت حڪومت کي به آگاهه ڪيو اهي به مطمئن ٿيا، جيئن ئي حملو ٿئي ٿو ته فوري طور تي الزام لڳايو ويندو آهي ته افغانستان جا ماڻهو هئا، ڇا افغانستان جا ماڻهو ڏوهاري آهن؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو افغانستان مان هڪ يا 2 چوڪيون ٽپي  هتي پهچندا آهن پر ڪوئٽه کان وٺي بشام تائين اڍائي سئو چوڪيون آهن دهشتگردن جو انهن کي ٽبي وڃڻ ڇا اها به افغانستان جي ذميواري آهي؟ سرحدن تي اسان جي فوج آهي انهن جي ته فوج ئي نه آهي؟ اسان کي ذميواري ڪنهن ٻئي تي لڳائڻ جي بجاءِ پنهنجي ذميوارن کي ڏسڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔