خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ برسات دوران مختلف حادثن ۾ 88 ڄڻا فوت، 129 زخمي

اسلام آباد: پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مهينن دوران ٿيندڙ برسات ۽ ٻوڏ جي نقصانن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن

پراونشل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پهرين جولاءِ کان 30 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 88 ڄڻا فوت ۽ 129 زخمي ٿي پيا آهن.

فوت ٿي ويلن ۾ 19 عورتون، 43 ٻار ۽ 26 مرد شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 29 عورتون، 61 ٻار ۽ 39 مرد شامل آهن، پي ڊي ايم ايم جي رپورٽ موجب برساتن سبب گڏيل طور تي 958 گهرن کي نقصان پهتو، 638 گهرن کي جزوي ۽ 260 گهرن کي مڪمل نقصان پهتو.

خيبرپختونخواهه ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ آسماني کنوڻ ڪرڻ سبب 147 چوپايو مال مري ويو، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب روڊ ۽ پل به پاڻي ۾ لڙهي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔