بلوچستان ۾ نفرتن جا ٻج پوکيندڙن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد: بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ نفرتن جا ٻج پوکيندڙن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي دوري دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو، بلوچستان ۾ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا صوبي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.هن چيو ته بلوچستان ۾ سرفراز بگٽي جي حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن، پاڪ فوج جا جوان ڏينهن رات ملڪ جي دشمنن کي چيڀاٽي رهيا آهن. ڪوئيٽا اجلاس ۾ ليويز جي سهولتن جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ سياسي اڳواڻن سان سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بلوچستان ۾ ترقي جي راهه کي ڪنهن به صورت ۾ روڪڻ نه ڏينداسين.شهباز شريف چيو ته دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون.هن چيو ته نوجوانن کي گمراهه ڪندڙن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو، بلوچستان جي نوجوانن لاءِ بهترين پروگرام شروع ڪيا ويندا، پاڪستان جي دشمنن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي، ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي شڪست ڏني ويندي،وزيراعظم چيو ته سي پيڪ بلوچستان ۾ ترقي جا رستا کولي ڇڏيا آهن، چين بلوچستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بتدريج بهتر ٿي رهي آهي.هن چيو ته اسان بي لوث ۽ قربانيءَ جي جذبي سان ترقي طرف وڌي رهيا آهيون، مقامي صنعتن کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن کي فني تربيت ڏئي سماج لاءِ ڪارآمد بڻائينداسين، محنت ۽ لگن سان پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔