پهرين سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيه 97 پئسا گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيه 31 پئسا گهٽتائي جو امڪان آهي، اها پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو گهٽتائي ٿيندي.

ياد رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان جاري آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ٿي سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔