پنجاب ۽ بلوچستان ۾ تيز برسات، 4 ٻارن سميت 8 ڄڻا فوت

لاهور: سانوڻي برساتن جي طاقتور سسٽم جي تحت پنجاب ۾ تيز برساتون پئجي رهيون آهن جنهن دوران مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا.

موسميات کاتي موجب صوبي ۾ 36 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ملتان ۾ اڱاري تي طوفاني برسات سبب 48 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 2 ڪلاڪن ۾ 147 ملي ميٽر برسات پئي جنهن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو،  جڏهن ته برسات سبب  ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

انهي کان علاوه لاهور ۽ جهلم سميت ٻين علائقن ۾ به برسات پئي، صوبي ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن.

ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به  تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي، تيز برساتن سبب نديون نالا ڀرجي ويا، پنجگور ۾ برساتي نالي ۾ وهنجڻ جي لاءِ ويندڙ 4 ٻار ٻڏي فوت ٿي ويا.

مستونگ ۾ ٽريڪٽر ٽرالي برساتي پاڻي ۾ لڙهي وئي، جڏهن ته زيارت جي علائقي ڪان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي پاڻي سبب باغ ندي نالن ۾ تبديل ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔