ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قبول ناهي،صدر/وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي لاءِ مغفرت ۽ شهيدن جي خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.شهباز شريف مقامي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته وارثن سان مڪمل سهڪار ڪيو وڃي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد ڏني وڃي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪن.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قبول ناهي، موسيٰ خيل واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي سزا ڏني ويندي.هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔