مختلف علائقن ۾ سيڪورٽي فورسز هٿان 12 دهشتگرد قتل

ڪوئيٽا: ريڊيو پاڪستان جي خبر موجب بلوچستان جي مختلف علائقن م سيڪورٽي فورسز آپريشن دوران 12 دهشتگردن کي قتل ڪيو آهي ۽ ڪيترائي زخمي آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. ”بلوچستان ۾، دهشتگرد ڪيترن ئي هنڌن تي بزدلانه حملا ڪيا آهن،“ رپورٽ ۾ ٿيل حملن وارن علائقن ي جتي آپريشن ڪيو ويو آهي، انهن علائقن جا تفصيل نه ڏنا ويا آهن. ٻئي پاسي بلوچستان جي علائقي قلات ۾ هٿياربندن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ رات دير تائين فائرنگ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا. سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) دوستين دشتي موجب، جهڙپ ۾ 4 ليويز اهلڪار، هڪ پوليس سب انسپيڪٽر، هڪ قبائلي اڳواڻ ۽ 2 شهري شهيد ٿي ويا. زخمين ۾ قلات جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفتاب لاسي سميت 5 ليويز اهلڪار به شامل آهن. اهلڪار ضياءُ الرحمان موجب فوتين جا لاش ۽ 6 زخمين کي سول اسپتال قلات منتقل ڪيو ويو آهي. ايس پي موجب قلات جي علائقي مهلبي ۾ هٿياربندن هڪ قبائلي شخص جي هوٽل ۽ گهر تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ زبير محمد حسني مارجي ويو. ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي جي مختلف هنڌن تي چڪريون ٿيون، ايس پي جو چوڻ آهي ته روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔