بجلي جي قيمت ۾ هڪ مهيني لاءِ معمولي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ معمولي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 31 پئسا گهٽتائي جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي وئي آهي. سنيٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي(سي پي پي اي) طرفان درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ داخل ڪئي وئي.سي پي پي اي طرفان داخل درخواست جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا اٿارٽي کي ڏني وئي آهي جنهن تي نيپرا 28 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔