جنرل فيض جو ڪورٽ مارشل: وڌيڪ 3 فوجي آفيسر گرفتار، نالا سامهون اچي ويا

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي سلسلي ۾ ٽن رٽائرڊ آفيسر کي به فوجي تحويل ورتو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي ظابطن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، رٽائرڊ آفيسرن ۽ سندن ساٿين کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ٽئي رٽائرڊ آفيسر سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڳٺ جوڙ ڪري ملڪ ۾ عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا هئا.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي تحويل ۾ ورتل ٽنهي آفيسرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، گرفتار آفيسرن ۾ ٻه رٽائرڊ بريگيڊيئر ۽ هڪ رٽائرڊ ڪرنل شامل آهي.
ذريعن موجب، گرفتار ڪيل اڳوڻن فوجي آفيسرن ۾ بريگيڊيئر (ر) غفار، بريگيڊيئر (ر) نعيم ۽ ڪرنل رٽائرڊ عاصم شامل آهن، ٽئي آفيسر پيغام رسائڻ جو ڪم ڪندا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٻنهي رٽائرڊ بريگيڊيئرز جو تعلق چڪوال سان آهي، ٻئي آفيسر رٽائرمينٽ کانپوءِ سياسي پيغام پهچائڻ ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث هئا، ٽنهي آفيسرن سياسي پارٽي ۽ فيض حميد وچ ۾ رابطا ڪاري ۾ شامل هئا.
ياد رهي ته پاڪ فوج ٻه ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) فيض حميد کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔