سڄي ملڪ انٽرنيٽ سروس متاثر، سبب ڇا آهي؟

ڪراچي : ڇا اوهان به گذريل ڪيئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي استعمال دوران ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيو؟
ملڪ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ سوشل ميڊيا واهپيدار اڄڪلهه انٽرنيٽ اسپيڊ سست هئڻ پريشاني جو شڪار آهن ڇو ته انٽرنيٽ اسپيڊ متاثر ٿيڻ سبب وڊيو ڪال، ڊائون لوڊ ۽ پيغام پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
ان ڏس ۾ رئيل ٽائم انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي بندش ۽ مانيٽرنگ سروس Downdetector.pk چوڻ آهي ته گذريل جمعي کان ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ فيصل آباد سميت ٻين شهرن ۾ واٽس ايپ، انسٽاگرام سروس متاثر ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن کي واٽس ايپ، انسٽاگرام سست هئڻ سبب پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني به واهپيدارن کي انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي استعمال ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو هو، جنهن جو سبب ڄاڻايو ويو هو ته حڪومت طرفان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي مخصوص مواد بلاڪ ڪرڻ لاءِ نئين فائر وال جي ٽيسٽنگ انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو سبب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔