5 آگسٽ جي ڀارتي قدمن خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: 5 آگسٽ 2019 تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪرڻ تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي.

يوم استحصال جي موقعي تي نه صرف پاڪستان پر  والاريل ۽ جمون ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو پيو وڃي

پنج سال اڳ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جو خاتمو ڪندي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ان کي ڀارت جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو هو. انهن ٻنهي مخصوص آرٽيڪلز سان واضح هو ته والاريل ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ان جو خصوصي قانون هوندو. انهي ڏينهن ڀارت جو مڪروهه چهرو نه صرف بي نقاب ٿيو پر گذريل 75 سالن کان مظلوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارت طرفان جاري ظلم  تي دنيا جون به اکيون کلي ويون.

يوم استحصال ڪشمير جي ڏينهن تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پارليامينٽريز سميت مختلف ماڻهو شريڪ ٿيندا.

يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارت  والاريل ڪشمير جي تڪراري حيثيت ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ 5 سال اڳ هڪ طرفو ۽ غيرقانوني قدم  کنيو. هن چيو ته ڀارت جي داخلي قانونسازي ۽  عدالتي فيصلا ڪشميري عوام جي منصفاڻه جدوجهد کي دٻائي نٿا سگهن. صدر آصف علي زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو سلامتي ڪونسل جي قراردادن تي عمل لاءِ به ڀارت تي زور ڏين.

وزيراعظم شهباز شريف يوم استحصال جي موقعي تي ڪشميري عوام جي بي مثال حوصلي، جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي.، يوم استحصال تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خوداراديت حاصل ڪرڻ تائين انهي جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

يوم استحصال ڪشمير تي هٿياربند فوج جي قيادت والاريل ڪشمير جي بهادر ۽ غيرتمند عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف استاف ڪميٽي ۽ پاڪ فوج جي سربراهن آرمي چيف جنرل عاصم منير، چيف آف ايئر اسٽاف، ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدهو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان حق خود اراديت لاءِ ڪشميري عوام جي جائز ۽ ڊگهي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فورسز جي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون مذمت جوڳيون آهن. ڀارت جي غير منصفانه قدمن ۽ رياستي جبري علاقائي استحڪام لاءِ مستقل خطرو آهي. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب خطي ۾ پائيدار امن جو دارومدار گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب تڪرار ڪشمير جي حل ۾ آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج والاريل ڪشمير جي شهيدن کي انهن جي قربانين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، هٿياربند فوج ڪشميرين جي سياسي، اخلاق ۽ انساني بنيادن تي جبرواستبداد جي خلاف جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔