عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي، صدر جون سنڌ جي گهرو وزير کي هدايتون

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات ۾ ضياءُالحسن لنجار صدر آصف علي زرداري کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. صدر آصف زرداري سنڌ جي گهرو وزير کي صوبي ۾ امن جي قيام جي حوالي سان هدايتون ڏيندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي.

سنڌ جي گهرو وزير صدر آصف زرداري کي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي خلاف جاري آپريشن جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو. صدر زرداري چيو ته صوبي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔