عمران خان جي آزادي سان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي، ڳالهين لاءِ تيار آهيون: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني عمران خان جي آزادي سان حڪومت کي ڪو خطرو ناهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجه آصف چيو ته سياست ۾ اپ ڊائون ايندا رهندا آهن، انهن کي خطرو نه سمجهڻ گهرجي.

هن چيو مان نٿو سمجهان ته عمران خان وزيراعظم جي ڳالهه ٻولهه جي آڇ کي سنجيده وٺندو پر حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي.

سندس چوڻ هو جيڪڏهن سياسي طاقتون گڏجي ملڪ لاءِ بهتري جو رستو ڪڍڻ چاهين ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙو اعتراض هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔