فيض گنج ڀرسان ڪار کي باهه لڳي وئي، 3 ڄڻا سڙي فوت

فيض گنج: فيض گنج جي شهر حسين پاتو ڀرسان جهانيان آباد اسٽاپ وٽ ڪار کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مرد ۽ عورت سميت معصوم ٻار سڙي فوت ٿي ويا.

ڪار کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نارو جي رهواسين حبيب سهتو، سندس گهر واري ذاڪرا بي بي ۽ پٽ اڪرام الله جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

سڙي فوت ٿيلن کي رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم جي رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

پوليس موجب ڪار کي باهه لڳڻ جو سبب به معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت حادثي جي باري ۾ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔