روسي آرمي چيف ۽ اڳوڻي وزير جنگي ڏوهي قرار،وارنٽ جاري

نيويارڪ : عالمي فوجداري عدالت روس جي آرمي چيف ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي فوجداري عدالت يوڪرين ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ تي روسي آرمي چيف ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.عدالتي حڪم موجب، ٻن ڄڻن جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته عدالت کي يقين آهي ته اهي ٻئي ڄڻا روسي فوج جي يوڪرين جي برقي انفراسٽرڪچر کي ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جا ذميوار آهن. انهن حملن ۾ 10 آڪٽوبر 2022 کان 9 مارچ 2023 تائين ميزائل حملا ڪيا ويا.عالمي فوجداري عدالت اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ آرمي چيف کي جنگي ڏوهن، انسانيت خلاف ڏوهن ۽ غير انساني ڏوهن جو ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ان عرصي دوران يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ قائم اليڪٽرڪ پاور پلانٽس ۽ سب اسٽيشنن کي وڏي تعداد ۾ ميزائل حملن جو نشانو بڻايو ويو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته عدالت موجب اهڙا حملا شهرين کي نشانو بڻائڻ جي مقصد سان ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔