ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ڏکڻ آفريقا سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻئي ٽيم بڻجي وئي

لنڊن: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ويسٽ انڊيز کي ڊڪ ورتهه لوئس ميتهڊ جي تحت شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

ڏکڻ آفريقا 10 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهتي آهي. ميزبان ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ 136 رنسن جو حدف ڏنو هو.

ميچ برسات سبب روڪيو ويو جنهن کان پوءِ ڏکڻ آفريقا جو حدف 136 کان 123 ٿي ويو جيڪو 18 اوورز ۾ مڪمل ڪرڻو هو.

سرويوين رچرڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ 2 جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

اهو ميچ ناڪ آئوٽ ميچ جي  صورتحال اختيار ڪري ويو هو ڇو ته کٽيندڙ ٽيم کي سيمي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو هو جڏهن ته هاڻ ويسٽ انڊيز ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي. ڏکڻ آفريقا جي دعوت تي ويسٽ انڊيز مقرر 20 اووز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون.

ويسٽ انڊيز طرفان روسٽن چيز 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ان کان علاوه ڪائل مينرز 35، آندري رسل 15 رنسون ٺاهيون. شائي هوپ ٻُڙي، نڪولس، پورن ۽ ڪپتان پاوو هڪ هڪ عقيل حسين 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته الزاري جوزف 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڏکڻ آفريقا طرفان تبريز شمسي  3 وڪيٽون حاصل ڪيون. يانسن، مارڪرم، مهاراج ۽ رباڊا هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

ياد رهي ته گروپ 2 مان انگلينڊ آمريڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻئي ٽيم جو فيصلو اڄوڪي ميچ ۾ ٿي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔