وزيراعظم شهباز شريف نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو
نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ 1 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت وفاقي وزير شرڪت ڪندا
اجلاس ۾ چئني صوبن جي ڏن وزيرن سميت سمورا آءِ جيز به شرڪت ڪندا
ذريعن موجب اجلاس ۾ چيني مزدورن جي سيڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ چين جي سيڙپڪارن سان ملاقاتن بابت به ايپڪس ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي