عدليه اسٽيبلشمينٽ جي مداخل کان جان ڇڏائڻ جي جدوجهد ۾ آهي:چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

راولپنڊي: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد چيو آهي ته عدليه اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت مان جان ڇڏائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهي آهي، يقين آهي ته عدليه مان اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جلد ختم ٿي ويندي.راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ملڪ شهزاد احمد خان چيو ته عدالتن ۾ مختلف ادارن جي مداخلت آهي، عدليه ۾ مداخلت جي شروعات مولوي تميز الدين ڪيس کان ٿي هئي، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، عدالتن تي بنا جواز آڱريون کنيون وينديون آهن.ماڻهو عدالتن ۾ ايندا ئي نه آهن ۽ وري چوندا آهن ته مسئلا حل نه ٿا ٿين، ماڻهو عدالتن ۾ ايندا ئي نه ته سندن مسئلا ڪيئن حل ٿيندا، تڪڙي ۽ شفاف انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو آهي، اسريل ملڪن جي عدالتي نظام جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔