عوام بجيٽ مان رليف جون اميدون نه لڳائي، وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا: احسن اقبال

اسلام آباد: وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا.

بجيٽ 2024-25 بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايندڙ سال وفاقي حڪومت کي  8 هزار ارب  روپيه ملندا جڏهن ته ايندڙ مالي سال صرف قرض ۾ 9 هزار ارب روپيه ڏيڻا آهن.

احسن اقبال چيو ته عوام بجيٽ مان رليف جون اميدون نه لڳائي، رليف ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن، پنهنجي آمدني سان قرضن جو بار نٿا لاهي سگهون. عوامي پريشانين جو احساس آهي. مهانگائي کي مٿي آڻي ڇڏيو ويو، هاڻ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي عوام ۽ سرڪاري ملازمن کي مهانگائي کي منهن ڏيڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔