ڪوئيٽه: پ پ جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ اميدوارن لاءِ اڄ نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو ڏينهن آهي.
ان سلسلي ۾ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي جي تڪ لاءِ پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن.
پي ڪي ميپ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته محمود خان اچڪزئي اين اي 265 تان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن، محمود خان مولانا فضل الرحمان جي حق ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن