اليڪشن ڪميشن فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن نگران ڪابينه جي جانبدار وزيرن کي هٽائڻ جي معاملي تي نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد جي خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست کي رد ڪندي چيو ته فواد حسن فواد نجڪاري جو وزير آهي اهو چونڊ عمل تي متاثر نٿو ٿي سگهي.

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته فواد حسن فواد ماضي ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪندو رهيو آهي سندس خلاف درخواست ذاتي رنجشن جي آڌار تي داخل ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيمه کي عهدي تان هٽايو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔