مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف کي گرفتاري کان روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف کي گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اڳوڻي وزير مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف جي خلاف مختلف شهرن ۾ داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

پشاور ۾ مريم اورنگزيب ۽ پي ٽي وي ملازمن جي خلاف ڪيسن جي مدعي عدالت ۾ پيش ٿي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته جاويد لطيف جي خلاف گرين ٽائون ٿاڻي لاهور جي ڪيس ۾ چالان جمع ڪرايو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته پشاور ۾ مريم اورنگزيب جي خلاف داخل ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي جنهن تي ايف آءِ اي اختيارين چيو ته ايف آءِ اي طرفان لاڳاپيل ڪيس جي انڪوائري کي بند ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستن تي ٻڌڻي جنوري 2024 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔