عمران خان جي وڪيل طرفان نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

پشاور: پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي استدعا تي عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي.

عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالشڪور ۽ جسٽس سيد ارشد علي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل قاضي انور ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت وڌيڪ  ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا لڪايا آهن ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. عمران خان توشه خانه جا تحفا غيرقانوني طور تي وڪرو ڪيا.

داخل ڪيل درخواست موجب عمران خان پنهنجي گهر واري جا 70 لک روپين جا زيور نامزدگي ڪاغذن جي فارم ۾ به ظاهر نه ڪيا آهن. عمران خان ننڍين چونڊن دوران نامزدگي ڪاغذن جي فارم ۾ اثاثا لڪايا جيڪي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ڀڃڪڙي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي استدعا تي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔