فيض آباد ڌرڻو ڪيس؛ پيمرا چيئرمين عدالت طلب

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم جي حلفي بيان تي پيمرا جي هاڻوڪي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

عدالت پيمرا جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا توهان پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين جو حلفي بيان پڙهيو آهي؟

پيمرا جي وڪيل حافظ ايس اي رحمان چيو ته ابصار عالم جو حلفي بيان مون کي هاڻي مليو آهي

عدالت پيمرا جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا توهان کي حلفي بيان گهر اچي ڏين ها؟

عدالت ڊي جي آپريشنز پيمرا کي روسٽرم تي گهرائي ورتو،  توهان ڪارو ڪوٽ ڇو پاتو آهي، ڇا توهان وڪيل آهيو؟

ڊي جي آپريشنز چيو ته ڪارو رنگ روٽين ۾ پاتو آهي، عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪندي پيمرا چيئرمين کي سڏائي ورتو

گذريل ڏينهن پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم ڌرڻي ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ جي استدعا ڪندي حلفي بيان جمع ڪرايو هو

ابصار عالم حلفي بيان ۾ چيو هو ته فيض آباد واري ڌرڻي دوران پيمرا چيئرمين طور منهنجي مٿان ان وقت جي ڊي جي سي فيض حميد جو شديد دٻاءُ هو، فيض حميد صحافي نجم سيٺي خلاف قدم کڻڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔