غير قانوني پرڏيهي ملڪ ڇڏي وڃو: مسجدن مان اعلان

پاڪستان ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي

27آڪٽوبر تي طورخم ۽ انگور اڏا رستي 2 هزار 613 غير قانوني پرڏيهي پنهنجي وطن موٽي ويا

 سرڪاري انگ اکرن موجب 15 سيپٽمبر کان هيل تائين ٻنهي لنگهن ذريعي 67 هزار 318 افغان شهري پنهنجي وطن واپس وڃي چڪا آهن

پاڪ فوج، ايف سي ۽ خيبرپختونخواهه جي انتظاميا پاران واپس ويندڙ پرڏيهين کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون

ڪراچي جي علائقي ملير ۾ پوليس ۽ انتظاميا مسجدن مان غير قانوني پرڏيهين کي واپس وڃڻ جون اپيلون ۽ اعلان ڪيا آهن

پهرين نومبر کان غيرقانوني پرڏيهين خلاف سموري ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔