ڪراچي ۾ غيرقانوني ترسيل ڪيترا افغاني گرفتار ٿيا: تفصيل جاري

ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين خلاف 9 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين ڪارروائين جا تفصيل جاري، هڪ مهيني دوران 782 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو

پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير مان 135، ڪورنگي مان 114 ۽ اوڀر ضلعي مان 204 افغاني گرفتار ڪيا ويا، اولهه ضلعي مان 58، سينٽرل مان 90 ۽ ڪياماڙي مان 126 افغاني گرفتار ٿيا

ڪراچي سٽي پوليس 35 ۽ ڏکڻ پوليس 20 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو، گرفتار ڪيل سمورا افغان شهري غيرقانوني طور ترسيل هئا، گرفتار ڪيل افغانين خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، حراست ۾ ورتل ڪجهه افغان شهري ڏوهن ۾ به ملوث هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔