اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي
ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ٽرائيل ڪري سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي آ
هي
ذريعن موجب تحريڪ انصاف جو اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ايف آءِ اي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل نه آهي جڏهن ته چالان ۾ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط گواهه آهي ۽ اعظم خان جو 161 ۽ 164 جو بيان چالاڪي سان جوڙيو ويو آهي.
ذريعن ٻڌايو ته چالان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر پنهنجو پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو. چالان موجب سائفر ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر اها واپس نه ڪئي وئي.
ذريعن موجب چالان ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ جڙيل آهي ان سان گڏ 20 گواهن جا 161 جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان پوءِ چالان سان گڏ لڳايا ويا آهن