پئسا ڪمائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿي: حريم شاهه

اسلام آباد: مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي آمدني جي ذريعن بابت وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا. ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه آمدني جي ذريعن بابت سوالن جي جواب ۾ ٽال مٽول ڪندي نظر آئي ۽ جواب گول ڪري وئي

ويجهڙائي ۾ هڪ يوٽيوبر انسٽاگرام اڪائونٽ تي حريم شاهه جي انٽرويوءَ جي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ ميزبان حريم شاهه کان سندس آمدني جي ذريعن بابت پڇاڻو ڪيو

ميزبان جي سوال تي حريم شاهه واضح جواب ڏيڻ بدران ڳالهه کي وڙ وڪڙ ڏيندي چيو ته سندس آمدني جا ڪيئي ذريعا آهن، هن جي آمدني ائين سمجهيو معجزاتي آهي، مون وٽ جتان ڪٿان پئسو اچي ٿو ۽ ايترو پئسو آيو آهي جو ڪيئي ڀيرا ايف بي آر نوٽيس اُماڻي چڪي آهي. مشهور ٽِڪ ٽاڪر جو چوڻ هو ته هوءَ گهڻو ڪجهه ڪندي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي ذريعن وٽان پئسا ايندا آهن. حريم شاهه کلندي ميزبان کي اِهو احساس ڏياريو ته هوءَ اهڙو گهڻو ڪجهه ڪندي آهي جيڪو اوهان نٿا ڪري سگهو

ماڻهو چوندا آهن ته مون کي آڊيو ليڪ ذريعي پئسا ملندا آهن، مون پئسو ٺاهيو آهي پر جيڪڏهن ائين ڪيان ها ته مون وٽ ليڪ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ۽ مان جيڪو چاهيان حاصل ڪري پئي سگهيس. حريم شاهه وڌيڪ چيو ته هوءَ وڊيوز عوام کي ڏيکارڻ لاءِ ڪندي آهي، منهنجو مقصد يا نيت پئسا حاصل ڪرڻ ناهي هوندو. ان کانپوءِ ميزبان جي اصرار تي حريم شاهه ٻڌايو ته هوءِ جتي به ويندي آهي، سندس سفر، هوٽلنگ، گهمڻ ڦرڻ سڀ بنا معاوضي هوندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔