سنڌ ۾ ٻارڙن جي حفاظتي ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ والدين کي هڪ مهينو قيد ۽ 50هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سنڌ ايمونائزيشن ايڪٽ تي صحيح ڪري ڇڏي
ايمونائزيشن جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ تي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي
سنڌ اليڪٽرانڪ ايمونائزيشن رجسٽري به قائم ڪئي ويندي، رجسٽري ۾ ويڪسينيشن جي داخل ڪرڻ کانسواءِ برٿ سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو ويندو